تاريخ سنڌ ساگر

تاريخ سنڌ ساگر

تاريخ سنڌ ساگر

تاريخ سنڌ ساگر (ڪتاب): سنڌ جي تاريخ جي موضوع تي هيءُ ڪتاب ناليواري محقق ۽ استاد حافظ عبدالستار ڪوريجي لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل يارهن باب آهن ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ انسان جي پيدائش، سنڌ ملڪ جو نالو، موجوده سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ لهجا، عربي دؤر شامل آهن. هن ڪتاب جي آخري باب ۾ اڻويهين ۽ ويهين صدي عيسوي ڌاري سنڌ جي حالت، سنڌ جا زميندار، سنڌي ٻوليءَ کان ڪناره ڪشي جهڙن موضوعن تي ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. 506 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب ۾ ليکڪ جو تعارف ۽ مختلف ليکڪن جا رايا پڻ شامل آهن.


لفظ تاريخ سنڌ ساگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو